اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف افغانستان ۾ 5 پاڪستانين جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي وزيراعظم نواز شريف پاران جاري ڪيل بيان ۾ افغانستان ۾ اغوا کانپوءِ قتل ڪيل 5 پاڪستاني شهرين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جا دشمن آهن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري آهن، اميد آهي ته افغان حڪومت معاملي جي جاچ ڪري جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي، ٻئي طرف پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ مقرر نائب افغان سفير کي گهرائي سخت لفظن ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي افغان حڪومت کي معاملي جي جاچ لاءِ چيو آهي.