وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هٿ ناهي کنيو، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ڪوڙ پيا ڳالهائين:عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان،ڌانڌلين جي جاچ تائين ڌرڻو جار ي رکڻ جو اعلان ڪندي واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هن هٿ ناهي کنيو، حڪومت جوڊيشل ڪميشن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي شموليت تي راضي هئي ۽ هاڻي اسحاق ڊار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. ننڪانا ۾ جلسي ۾ شرڪت کان اڳ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. هن چيو ته آرمي چيف کي ٽياڪڙي لاءِ نواز شريف چيو هو پر هاڻي ان ڳالهه تان ڦري ڪوڙ پيو ڳالهائي. عمران خان چيو ته وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هٿ ناهي کنيو. سندس چوڻ هو ته ترقي جو فيصلو اشتهارن نه پر زمين تي ٿيندو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه مطالبو ڪيو ته صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي به تبديل ڪيو وڃي،جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ناصر اسلم زاهد سندن اميدوار آهي. هن چيو ته آئين موجب سپريم ڪورٽ جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. عمران خان چيو ته حڪومتي ٽيم آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ ايم آءِ کان جاچ ڪرائڻ تي راضي هئي پر هاڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *