وزيراعظم جو پوليو خلاف اعلانِ جنگ، 6 مهينن ۾ پوليو جي خاتمي جي عزم، ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جو پوليو خلاف اعلانِ جنگ، پوليو روڪٿام لاءِ ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، 6 مهينن ۾ پوليو جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ. تفصيل موجب وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ پوليو روڪٿام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سميت چئني وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم نواز شريف پوليو روڪٿام لاءِ وفاقي ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. پوليو روڪٿام ڪميٽي دفاع، گهرو ۽ صحت جي وزير تي ٻڌل هوندي. اجلاس ۾ وزيراعظمنواز شريف پوليو روڪٿام فوڪس گروپ به قائم ڪري ڇڏيو جيڪو پوليو روڪٿام جي تمام عمل جي نگراني ڪندو. فوڪس گروپ ۽ پوليو روڪٿام ڪميٽي هر 5 1 ڏينهن بعد وزيراعظم کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندا. اجلاس بعد وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته 6 مهينن ۾ پاڪستان کي پوليو مان پاڪ ڪري ڇڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *