وزيراعظم جو نيب عملدارن بابت بيان اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ برابر آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف نيب جي عملدارن هٿان سرڪاري

عملدارن ۽ معصوم ماڻهن کي حراسان ڪرڻ خلاف آيل بيان صرف اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ برابر آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت کي مفلوج ڪرڻ لاءِ سموريون آئيني حدون ڪراس ڪري مسلسل ڇاپا هڻڻ ۽ صوبائي علمدارن جي گرفتاري ان جا واضح مثال آهن،جاري ٿيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري ياد ڏياريو ته نيب ۽ ايف آءِ اي سميت ٻيا وفاقي ادارا هڪ صوبي کي نشانوبڻائي رهيا آهن ۽ نواز حڪومت جا عملدارڪجه مهينن کان ضابطن جي ڀڃڪڙي به ڪري رهيا آهن پر نواز شريف جي وفاقي وزيرن انهن حملن ۽ ڪاهن جو وڌي چڙهي دفاع ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه هر اداري جي لاءِ جوڙيل آئين جي حدن ۾ رهي ۽ ڪنهن کي مقدس ڳنون ٺاهڻ کانسواءِ سڀني لاءِ هڪجهڙي احتساب ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي پر نوازشريف ڪابينا جي ڪنٽرول هيٺ ايندڙ نيب ۽ ايف آءِ اي سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي ڪجه ادارن جي ڪم ڪار کي مفلوج ڪرڻ لاءِ پنهنجي اختيارن کي اورانگهي ڪارروايون ڪيون، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ هميشه احتساب واري عمل کي پيپلزپارٽي جي خلاف انتقامي ڪارروائي جو نشانو بنائڻ لاءِ اوزار طور استعمال ڪيو ويو آهي ۽ پيپلزپارٽي جي مخالفن کي هٿ به نه لاٿو ويو آهي جيڪي هميشه غير جمهوري قوتن جي ڇانو۾ اوچتو پلجي وڏا ٿيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ سياسي قيدين کي يرغمال بنائڻ ۽ کين سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ کين ايذائڻ ۽ دٻاءَ وجهڻ بدران ڪنهن کي به مقدس ڳئون سمجهڻ کانسواءِ سڀني جي لاءِ هڪجهڙي احتساب جي ضرورت آهي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ جي سمورين پارٽين کي گڏ ويهاري کين اعتماد ۾ وٺي احتساب قانون ۾ موجود اوڻائين کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن آئين ۾ صوبن کي مليل خودمختياري کي تحفظ ملڻ سان گڏوگڏ معصوم ۽ ايماندار ماڻهو ڪنهن سياسي وابستگيءَ جي ڪري انتقامي ڪارروائي جو نشانو بنجڻ کان بچي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *