وزيراعظم جو استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار، آچر ڏينهن خبر پئجي ويندي: عمران خان جو قوم کي خطاب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آچر ڏينهن بي اعتمادي تي ووٽنگ ۾ خبر پئجي ويندي ته ملڪ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، استعيفيٰ نه ڏيندس، آخري بال تائين مقابلو ڪندس. قوم سان پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته خودداري هڪ آزاد قوم جي نشاني هوندي آهي، جتي انصاف ناهي هوندو، اها قوم تباهه ٿي ويندي آهي، مسلمان قوم غلام نٿي بڻجي سگهي، الله اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي. سندس موجب مان سدائين اهو چيو ته ڪنهن جي اڳيان نه جهڪندس نه قوم کي جهڪڻ ڏيندس، نائن اليون ۾ ڪو پاڪستاني ملوث نه هو، ڪنهن جي جنگ ۾ پاڪستانين کي ڇو قربان ڪيون؟ هن چيو ته 7 يا 8 مارچ تي اسان کي آمريڪا (هڪ ملڪ) مان پيغام آيو، آهي ته اهو وزيراعظم خلاف، ان کي اڳ ئي خبر هئي ته بي اعتمادي اچي رهي آهي، جنهن سان ظاهر آهي ته اپوزيشن جا اڳ ئي ٻاهر جي ماڻهن سان رابطا هئا، اهو پاڪستان جي حڪومت نه پر عمران خان خلاف آهي، اهي چون ٿا ته جيڪڏهن عمران خان هليو وڃي ته اسان پاڪستان کي معاف ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته مان چُپ نه ويهندس، مون کي پرچي يا وراثت ۾ وزارت ناهي ملي، جدوجهد ڪري هتي پهتو آهيان، مقابلو ڪندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *