وزيراعظم جلدي ۾ آهي، اڻپورن منصوبن جو افتتاح ڪري همدرديون ميڙڻ چاهي ٿو: خورشيد شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ جاري اڻپورن منصوبن جو افتتاح ڪري پاناما ڪيس مان جان ڇڏائڻ لاءِ عوامي همدرديون ميڙڻ چاهي ٿو، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وزيراعظم نواز شريف جي دير ۾ تقرير ۽ لواري ٽنل جي افتتاح کي پاناما ڪيس سان جوڙي ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته نواز شريف اڻپورن منصوبن جو جلدي جلدي افتتاح ڪري رهيو آهي، ڪراچي حيدر آباد موٽر وي جي اڻپوري منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو، هاڻي لواري ٽنل جو افتتاح ڪيو ويو، جيڪو اڃا اڻپورو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *