
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو وزيراعظم عمران خان جي تقرير تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته وزيراعظم اڌ رات جو ڊڄي عوام کي خطاب ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ پ پ چيئرمين چيو ته وزيراعظم کي ڊپ آهي ته هو ”پي ٽي آءِ ايم ايف“ بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو ۽ سندس حڪومت ڪري پوندي. بلاول ڀٽو چيو ته جبر ۽ دٻاءُ فائديمند نه هوندو، ڪو به باشعور شخص ٽئڪس ۾ واڌ، مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ووٽ نه ڏيندو. هن چيو ته اها بجيٽ خودڪشي آهي ته ۽ اسان ان کي منظور ٿيڻ نه ڏينداسين.