وزيراعظم اپوزيشن کي جلسن لاءِ ڪنٽينرز ڏيڻ جا واعدا ڪيا هئا، هاڻي ڪورونا کي سياسي وائرس بڻايو پيو وڃي: سراج الحق

siraj

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ۾ ڪوئي فرق نه آهي مسلم ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ آمريڪي غلامن جا ٽولا آهن هي ملڪ کي آمريڪي ۽ آءِ ايف جي ڊڪٽيشن تي هلائڻ چاهي ٿي ملڪ تي 43 هزار ارب رپين جو قرض چڙهي ويو آهي، ملڪ ۾ مافياز جي حڪومت آهي کنڊ، اٽو، پيٽرول ۽ لينڊ مافيا وزيراعظم جي آس پاس موجود آهي هي ڪارخانن بدران لنگر خانا کولڻ کي پنهنجي ڪاميابي سمجهن ٿا اهو وقت پري نه آهي جڏهن ملڪ ۽ قوم کي انهن نااهل ۽ نالائق حڪمرانن کان نجات ملندي. هنن جي دلين ۾ نه خدا جو خوف آهي نه عشق مصطفيٰ، ناموس رسالت جي ڏوهارين کي هي پروٽوڪول سان ٻاهرين ملڪ موڪلي ڇڏين ٿا حڪومت ڪوڙ ۽ يوٽرن کي پنهنجي ڪاميابي سمجهي ٿي، جلسا جلسو ڪرڻ اپوزيشن جو جمهوري حق آهي، ڪرونا کان ڊيڄاريندڙ حڪومت پاڻ سرڪاري خرچ تي گلگت بلتستان ۾ 12 جلسا ڪيا حڪومت ڊڪٽيٽر نه بڻجي ۽ پي ڊي ايم کي ملتان ۾ جلسو ڪرڻ ڏي. ڪرونا سبب جماعت اسلامي ٻن هفتن لاءِ عوامي جلسا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن وزيراعظم چوندو هو ته جيڪڏهن منهنجي خلاف ڪوئي احتجاج ڪندو ته مان ان کي ڪنٽينر ڏيندس هاڻي حڪومت ماڻهن کي گهرن مان کنڀي رهي آهي ته جيئن خوف جي ڪري ماڻهو حڪومت جي خلاف احتجاج نه ڪن. هن کان اڳ جو ماڻهو اسلام آباد جو منهن ڪن حڪومت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو اهڙن خيالن جو اظهار هن ديرپائين ۾ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *