وزيراعظم اسيمبلي ۾ جيڪو چيو آرمي چيف ترديد ناهي ڪئي، الزام ثابت ناهن ٿيا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ وزيراعظم نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ ٻڌڻي ٿيندي جڏهن ته عدالت ريمارڪس ڏنا اهن ته وزيراعظم اسيمبلي جي فلور تي جيڪو ڪجهه به چيو آرمي چيف ان جي ترديد ناهي ڪئي. وزيراعظم تي لڳايل الزام ثابت ناهن ٿيا وقتي چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ وزيراعظم نااهلي متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران جڏهن عدالت ڪيس ڪوئيٽا منتقل ڪرڻ لاءِ چيو ته تحريڪ انصاف جي وڪيل عرفان قادر ان تي اعتراض ڪندي چيو ته اسان جي ڪيس جو وارو اچي ٿو ته اسان کي ٻڌونٿو وڃي بئنچ جي سربراهه جسٽس جواد ايس خواجه عرفان قادر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي سڄو ڏينهن ڪوئيٽا ۾ ٻڌنداسين عرفان قادر چيو ته هو ڪيس جي پيروي لاءِ ڪوئيٽا نه ويندو هو سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل آهي ان جي درخواست به نٿي لڳائي وڃي بئنچ جي تشڪيل جي خلاف درخواست جمع ڪرائي جيڪا رجسٽرار اعتراض وري رد ڪري ڇڏي. رجسٽرار جي اعتراصن جي خلاف به اپيل ڪئي جنهن جي ٻڌڻي نه ڪئي پئي وڃي ان جي درخواست التوا هيٺ آهن هو ڪوئيٽا ڇو وڃي هن چيو ته عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪندو هي ان جو قانوني حق آهي سپريم ڪورٽ مان انصاف ٿيندي نظر نٿو اچي جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته اوهان کي تڪڙ آهي ته ڪيس جي جلد ٻڌڻي متعلق درخواست داخل ڪيو آئين جي آرٽيڪل 63 تحت وزيراعظم جي نااهلي لاءِ براهه راست اسپيڪر وٽ وڃي نٿو سگهجي عدالت جائزو ورتو آرٽيڪل 63 جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ جو ڪوئي لارجر بئنچ ناهي ٺهيو ٻڌڻي جسٽس سرمد جلال عثماني ريمارڪس ۾ چيو ته وزيراعظم تي لڳايل الزام اڃا تائين ثابت ناهن ٿيا جڏهن ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن ۽ وزيراعظم اسيمبلي فلور تي جيڪو به چيو آرمي چيف ان جي ترديد ناهي ڪئي. وزيراعظم جي آرمي چيف سان ملاقات ڪالهه به ٿي آهي ڇا وزيراعظم انهن سمورن معاملن جي ترديد ڪئي آهي عدالت عرفان قادر پاران جسٽس جواد ايس خواجه جي بئنچ ۾ موجودگي جي خلاف داخل درخواست تي چيو ته رجسٽرار آفيس جيڪي اعتراض لڳايا آهن انهن کي چئمبر ۾ ٻڌو ويندو ٻڌڻي دوران معزز بئنچ گذريل ڏينهن جي خبر جي حوالي سان چيو ته صحافت ذميواراڻي ٿيندي آهي صحيح رپورٽنگ نه ڪرڻ خيانت آهي ميڊيا ڄاڻ جو امين آهي ڪجهه اخبارن سنسني خيز رپورٽنگ ڪئي ان دوران عدالت جو چوڻ هو ته اٽارني جنرل جيڪو وفاق پاران جواب داخل ڪيو آهي ان ۾ موجوده درخواستون رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *