وزيراعظم، آرمي چيف ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ملاقاتون، ملڪ جي سلامتي ۽ فوج جي پيشيوراڻن معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ چيف جسٽس ثاقب نثار ۾ ون ٽو ون ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم وڌندڙ آبادي بابت سمپوزيم ۾ شرڪت لاءِ مقرر وقت کان 40 منٽ اڳ سپريم ڪورٽ پهتو ۽ چيف جسٽس پاڪستان جي چيمبر ۾ ويو، جتي ثاقب نثار سان سندس ون ٽو ون ملاقات ٿي. ٻنهي ۾ ٿيل ملاقات لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي، جنهن کانپوءِ ٻئي تقريب ۾ شرڪت لاءِ گڏجي هال ۾ پهتا.27 وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ فوج جي پيشيوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان دوران دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي خلاف نيشنل ايڪشن پلان ۽ ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان هيل تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي به غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد طرفان پاڪستان جي دوري ۽ افغان امن عمل بابت به ڳالهيون ڪيون ويون.27

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *