وزارت عظميٰ جي معاملي تي اپوزيشن ورهائجي وئي، ۵ اميدوار سامهون اچي ويا، اجلاس بنا نتيجي ختم

اسلام آباد  (اين اين آءِ) آپوزيشن پارٽيون وزيراعظم جي عهدي تي گڏيل اميدوار نامزد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون، آپوزيشن پارٽِن جي پارليامينٽ جو اجلاس اڄ ڱاري تي صبح 11 وڳي ٻيهر شروع ٿيندو جڏهن پ پ پ  ۽ مسلم ليگ (ق) جي اميدوار شيخ رشيد احمد پ پ پ  پاران خورشيد شآه ۽ سيد نويد قمر  ۽ ايم ڪيو ايم ڪشور زهرا، جماعت اسلامي جي صاحبزادي طارق الله ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. ذريعن موجب سومر تي قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن جي ڪمري ۾ آپوزيشن پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزاعظم جي اميدوار لاءِ مختلف نالن جي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي، شيخ رشِيد، پرويز الاهي، شيري رحمان، شيخ صلاح الدين به شريڪ ٿيا، ان موقعي صحافي آپوزيشن اڳواڻن کان سوال ڪيو ڇا هڪ اميڊوار تي اتفاق ٿي ويندو، يا اختلاف برقرار رهندا ۽ آپوزيشن جا ٻه اميدوار سامهون ايندا، خورشيد شاه ۽ شاه محمود قريشي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو جڏهن شيخ رشيد جواب ڏيندي چيو ته ڏسون جيڪو الله کي منظور . ان کان اڳ شاهه محمود قريشي، خورشيد شاهه ۽ شيخ رشيد سان جدا جدا ملاقات ڪئي جنهن دوران عمران خان پاران شِخ رشيد جي وڏي وزارت  لاءِ نامزدگي ۽ زرداري جي خلاف تقرير تي ڳالهه ٻول ٿي جڏهن ملاقات ۾ خدشا ختم نه ٿي سگھيا، ملاقات کان پوءِ شاهه محمود قريشيءَ خورشيد شاهه کان پڇا ڪئي ته ڇا اسان هليا وڃون؟ جڏهن ته خورشيد شاهه انکي منع ڪيو ۽ آپوزيشن پارلياماني اڳواڻن ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي. پرويز الاهي ميڊيا سان ڳالهائنيدي چيو ته اسانجي ڪوشش آهي ته آپوزيشن ۾ اتفاق رائي پيدا ٿي وڃي. پي ٽي آئي جي صدر شاهه محمود قريشي ان نالن کي تجويز ڪيو جڏهن ته ڪاغذ جمع ڪرڻ کانپوءِ شيخ رشيد چيو ته مسئلو کٽڻ ۽ هارائڻ جو نه آهي پر جمهوري عمل کي اڳتي وڌائڻ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته انکي اڄ شيخ رشيد جو نالو تجويز ڪري فخر محسوس ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *