ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي ڀارتي اڳرائي جو نوٽيس ورتو وڃي: پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل کان مطالبو

گڏيل قومون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو آهي ته هو تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت جي بنا جواز فائرنگ جو نوٽيس وٺي جنهن جي نتيجي ۾ شهرين جي شهادت ۽ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا واقعا پيش اچي رهيا اهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي موجوده صدر ويتالي چورڪين، جيڪو گڏيل قومن ۾ روس جو مستقل نمائندو آهي، جي نالي پنهنجي خط ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليحه لوڌي اها ڳالهه زور ڏيندي چئي آهي ته ڀارت کي 2003ع ۾ طئي ٿيل سيز فائر معاهدي تي عمل جو پابند بڻايو وڃي، ان خط ذريعي ڊاڪٽر مليحا لوڌي گڏيل قومن جي اعليٰ ترين فورم تي ڀارتي جارحيت جو معاملو کنيو آهي. پنهنجي خط ۾ هن جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جي ڪيترن ئي واقعن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران اهڙي قسم جي واقعن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ڀارتي فوج بنا جواز فئارنگ دوران ننڍن هٿيارن ۽ گڏوگڏ ڳرن مارٽر گنن جي فائرنگ سان شهري آبادي جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن کي نشانو بڻائي رهي آهي. هن سلامتي ڪائونسل جي صدر کي درخواست ڪئي آهي ته ان خط کي سلامتي ڪائونسل ۾ سرڪاري دستاويز طور ورهايو وڃي. گذريل هفتن م پاڪستان گڏيل قومن جي سياسي معاملن بابت کاتي ۽ امن مشن آپريشن ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي جارحيت جي حوالي سان معاملا اٿاريندو رهيو آهي. ان ئي سلسلي ۾ ڊاڪٽر مليحا لوڌي گڏيل قومن جي سينئر قيادت جنهن ۾ ڊپٽي جنرل جان ايلياسن پڻ شامل اهي، کي ڀارتي جارحيت بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *