ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي اڳرائي جو پوري طاقت سان جواب ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) حڪومت ۽ عسڪري قيادت، لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت طرفان جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ بنا جواز فائرنگ جو پوري طاقت سان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي اڳرائي بابت حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جــِي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي ملٽري سميت وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان خطي ۾ ڀارت جي هڪ هٽي ۽ ٿاڻيداري کي هر گز قبول نه ڪندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن سرحد تي ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ان جو جواب پوري طاقت سان ڏنو ويندو. حڪومت ۽ عسڪري قيادت اهو به فيصلو ڪيو ته ڀارت جي اڳرائي خلاف گڏيل قومن سان رابطو ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو ويندو. ان کان اڳ اجلاس ۾ عسڪري عملدارن ٻڌايو ته ڀارت 2014ع ۾ هن وقت تائين 230 ڀيرا ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي جڏهن ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ڀارتي اڳرائي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 42 زخمي ٿي چڪا آهن. عسڪري اختيارين اجلاس کي ٻڌايو ته جوابي ڪارروائي ۾ پاڪ فوج ڀارتي فوج جي چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو ۽ ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي. قومي سلامتي ۽ پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان ورڪنگ بائونڊري جي صورتحال گڏيل قومن جي فوجي مبصر آڏو به رکي آهي. وزيراعظم نواز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته سرحدي علائقي مان لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي سار سنڀال لڌي ويندي. سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ميران شاهه جو دورو ڪيو جيڪو سندس زندگي جو خوشگوار تجربو هو. وزيراعظم چيو ته هــُو ميران شاهه ۾ آپريشن ضرب عضب بابت پاڪ فوج جي ڪاميابين تي ان کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو. نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، پاڪ فوج جا جوان بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *