ورن ڌون زال جي خوبي ٻڌائي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) ڪافي ود ڪرن شو ۾ هڪ ڳاله جيڪا ڪرن پنهنجي مهمانن کان پڇڻ ڪڏهن به ناهي وساريندو اهو سندن لاڳاپن ۽ ويجهن ساٿين بابت سوال آهي. ورن ڌون ۽ ڪترينا ڪيف سندس شو ۾ شرڪت ڪئي ته هن ساڳيو موضوع کوليو ۽ ورن ڌون سميت ڪترينا کان سندس بريڪ اپ ۽ سنگل رهڻ بابت به پڇيو. شو دوران ورن ڌون جا نتاشا دلال سان ڊگها لاڳاپا به دلچسپي جو موضوع رهيا. باليووڊ اداڪار ورن ڌون چيو ته نتاشا ساٿي طور سدائين کيس همتايو ۽ مدد ڪئي آهي، انڪري سندس به ذميواري بڻجي ٿي ته هو نتاشا جي خوابن ۽ خواهشن جو خيال رکي. ان بابت ڳالهائيندي اداڪار چيو ته نتاشا جي انفراديت ان جو سبب آهي ته مان نتاشا سان گڏ آهيان. هن چيو ته مان نتاشا کي اسڪولي دور کان سڃاڻان ٿو هوءَ شادي اڳ ۽ پوءِ به منهنجي ڪيريئر لاءِ مددگار رهي آهي، منهنجو به فرض آهي ته ساڻس سٺو رهان ۽ سندس خيال ڪريان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *