ورلڊ هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جو ڪوارٽر فائنل ۾ بيلجيم يا انگلينڊ سان مقابلي جو امڪان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ورلڊ هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جو ڪوارٽر فائنل ۾ بيلجيم يا انگلينڊ سان مقابلي جي امڪان آهي. 3 ميچون کيڏڻ کان پوءِ سايون شرٽون گروپ اي ۾ ٽئين نمبر تي موجود آهن، کين آچر تي آخري گروپ ميچ ۾ فرانس سان منهن ڏيڻو پوندو. ان مقابلي ۾ فتح کان پوءِ به ٽيم جي پول پوزيشن تي ڪو فرق نه پوندو. پر هارائڻ کان پوءِ هو گروپ ۾ چوٿين نمبر تي وڃي سگھن ٿا. ٻئي طرف گروپ ۾ هِن وقت ملائيشين شائيڊ ٻئي ميڇون کٽي سڀ کان اڳتي آهي جڏهن ته انگلينڊ جو ٻيون ۽ بيلجيم جو ٽيون نمبر آهي. ياد رهي ته ڪوارٽر فائنلز ۾ گروپ اي جي ٽاپ ٽيم جو مقابلو بي جي آخري پوزيشن تي رهندڙ سائيڊ سان ٿيندو. اي جي ٻئي ٽيم بي جي ٽين ۽ بي جي ٻين سائينڊ اي جي ٽين ٽيم سان ٽڪرائجندي. گروپ بي جي ٽاپ ٽيم گروپ اي جي چوٿين نمبر تي رهندڙ سائيڊ سان مقابلو ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *