ورات ڪوهلي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽيندڙ پهريون رانديگر

 

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ ڀلوڙ بيٽسمين ورات ڪوهلي آءِ سي سي ٽيسٽ، ون ڊي ڪرڪيٽر ۽ ڪرڪيٽر آف ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو.  ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ( آءِ سي سي ) سال 2018ع دوران بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيم جو اعلان ڪيو جنهن جي قيادت لاءِ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي جي چونڊ ڪئي وئي.  ورات ڪوهلي پهريون ڪرڪيٽر آهي جنهن هڪ سال دوران ٽيسٽ، ون ڊي ۽ سال جي بهترين ڪرڪيٽر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي. ورات ڪوهلي لڳاتار ٽيون ڀيرو سال جي بهترين ڪرڪيٽر جو ايوارڊ اعزاز پنهنجي نالي ڪيو آهي.  2018ع دوران ورات ڪوهلي 13 ٽيسٽ ميچن ۾ 55.08 جي ايوريج ۽ پنجن سينچرين جي مدد سان هڪ هزار 322 رنسون ٺاهيون ۽ هڪ سال ۾ هن 14 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ 133.55 جي ايوريج  ۽ 6 سينچرين جي مدد سان  هڪ هزار 202 رنسون ٺاهيون. بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي ووٽنگ ميمبرن ورات ڪوهلي کي ون ڊي ۽ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *