وديا بالن پرائڊ آف ڪيرالا ايوارڊ ماڻي ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن فني سفر دوران ڪيترين ئي بهترين فلمن ۾ يادگار ڪردار نڀايا آهن، تازو ئي فلمي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ورلڊ مليالي ۽ ڪيرالي ٽي وي طرفان پرائڊ آف ڪيرالا ايوارڊ ڏنو ويو آهي، 38 ورهين جي وديا بالن ايوارد وٺڻ کانپوءِ ڪيرالا مان ٽوئٽر تي اها خبر پنهنجي چاهيندڙن سان ونڊي آهي، هن ايوارڊ وٺڻ وقت نڪتل تصوير سان ڇڏيل نياپي ۾ مليالي ڪائونسل ۽ ڪيرالي ٽي وي جو ايوارڊ ڏيڻ تي ٿورو پڻ مڃيو آهي، وديا بالن پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران پرينيتا، پا، نو ون ڪلڊ جيسيڪا، ڊرٽي پڪچر، هماري اڌوري ڪهاني ۽ ڪهاني جهڙيون زبردست فلمون ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته سندس ايندڙ فلمن ۾ ٽي اينڊ ٿري اين ۽ ڪهاني -2 شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *