وديا بالن نه اخبار پڙهي ۽ نه ئي وري نيوز چينل ڏسي!

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن چيو آهي ته هوءَ بالي ووڊ اسٽارز بابت گردش ڪندڙ افواهن کان پري رهڻ لاءِ نه ئي اخبار پڙهندي آهي ۽ نه ئي وري خبرن وارا ٽي وي چينل ڏسندي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ وديا بالن چيو ته بالي ووڊ ۾ اداڪارن جون ذاتي خبرون گردش ڪنديون آهن، جن ۾ رشتا جڙڻ ۽ ٽٽڻ جون ڳالهيون هونديون آهن، هن چيو ته اهڙين خبرن ۾ انهن ۾ گهڻو ڪري ڪا حقيقت ناهي هوندي. وديا بالن جو چوڻ هو ته اهڙين خبرن کان هوءَ پري رهندي آهي، جنهن ڪري هوءَ نه ته اخبار پڙهندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو نيوز چينل ڏسندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *