واٽر بورڊ مان هڪ کان 17 گريڊ جا 188 گوسڙو بطرف، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اي پي پي) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ مان گريڊ هڪ کان 17 تائين جا 188 گوسڙو ملازم برطرف ڪيا ويا ۽ سندن پگهارون بند ڪيون ويون. تفصيل موجب مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ ناصر حسين شاهه جي هدايتن ۽ منظوري سان ايم ڊي واٽر بورڊ مصباح الدين فريد ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي ڪندي گريڊ 1 ک ان 17 گريڊتائين جي مختلف ڪيڊرز جي 188 ملازمن کي ڊگهي عرصي کان ڊيوٽي تان غير حاضر رهڻ جي بنياد تي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي موجب اهي آفيسر ۽ ملازم ڊگهي موڪل تي هئا ۽ موڪل ختم ٿيڻ بعد به بنا اطلاع پنهنجي ڊيوٽي تان لڳاتار غيرحاضر هئا، ڄاڻايل ملازمن کي واٽر بورڊ جي هيومن ريسورسز اينڊ ايڊمن کاتي ڊيوٽي تي حاضري ۽ سبب ڄاڻايو جا نوٽيس جاري ڪيا، سندن پاران جواب نه ملڻ تي انهن سڀني آفيسرن ۽ ملازمن کي شوڪاز جي طور تي هيومن ريسورسز ڊپارٽمينٽ پاران 26 جولاءِ 2015ع تي مختلف اخبارن ۾ حتمي نوٽيس شايع ڪرايا ويا جن ۾ کين 7 ڏينهن اندر جواب داخل ڪرڻ يا ڊيوٽي تي حاضر ٿيڻ جي مهلت ڏني وئي هئي پر انهن ملازمن نه نوٽيسن جو جواب ڏنو ۽ نه ئي ڊيوٽي تي حاضر ٿيا جنهن جي بنياد تي سڀني قانوني تقاضائن کي پورو ڪندي ايم ڊي واٽر بورڊ چيئرمين واٽر بورڊ جي منظوري سان انهن سڀني ملازمن کي فوري طور برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ سب انجنيئر 8، اسسٽنٽ انجنيئر 10، ڪمپيوٽر آپريٽر 4، فورمين 2، سپروائيزر 4، جونيئرڪلارڪ 11،ليب اٽينڊنٽ 1، سيڪيورٽي آرم گارڊ 4، والو مين 4،فٽر 4،ڊرائيور1 ،مڪينڪ 1،بيلدار 18، چوڪيدار 8،نائب قاصد11، هيلپر 21، ڊيٽا اسسٽنٽ 1،مالهي1،ورڪ سپروائيزر 2، سب انسپيڪٽر 2، مشين آپريٽر 1، مشين اٽينڊنٽ، هيلٿ ورڪر 39، قلي 11، ٽريسر 1، سوئيپر 5،لائين گارڊ 13، اليڪٽريشن 3، ڪلينر 1، سب انسپيڪٽر 2 شامل آهن. واٽر بورڊ جي هيومن ريسورسز اينڊ ايڊمن کاتي انهن ملازمن جي برطرفي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ انهن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *