والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو، سياسي اڳواڻ گهرن ۾ نظربند، تعليمي ادارا بند، رستن تي ناڪا

سري نگر (اين اين آءِ) ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ غيريقيني صورتحال دوران قابض انتظاميه وڏي پئماني تي ڪرفيو لاڳو ڪري ماڻهن جي چرپر ۽ عوامي جلسن ۽ جلسون جي اهتمام تي مڪمل طور تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ڪشميري ميڊيا سروس موجب سمورن تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته سموري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪيو وئي ويئي سرڪاري حڪم نامي مطابق اهم سروسز جي سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪرفيو پاس تصور ڪيو ويندو حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ماڻهن جي چرپر تي مڪمل پابندي هوندي ۽ سمورا تعليمي ادارا بند رهندا اڪثر تعليمي ادارن شاگردن کي هوسٽل خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي گذريل هفتي والاريل علائقي ۾ واڌو ڀارتي فورسز کي خطي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي سرينگر ۽ ٻين شهرن جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن سميت وڏن وڏن رستن کي بند ڪيو ويو آهي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ گاڏين کي به تيار حالتن ۾ رکيو ويو آهي ذريعن موجب سيد علي گيلاني ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سموري حريت پسند قيادت کي گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو آهي اڳوڻن ڪٺپتلي وڏن وزيرن محبوبه مفتي ۽ عمر عبدالله کي به گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو آهي سرڪاري آفيسرن موجب موبائيل انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي پئي وڃي ۽ اڻ اعلانيل ڪروفيو لاڳو ڪيو پيو وڃي ٽي ڊي پي جي سربراهه محبوبه مفتي به ڪرفي لاڳو ڪرڻ بابت ٽوئٽ ڪيو آهي هن چيو ته موبائيل فون سميت انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي پئي وڃي ۽ ڪرفيو پاس جاري ڪئي پئي وڃي الله ڄاڻي ٿو ته سڀاڻي اسان سان ڇا ٿيڻ وارو آهي هي هڪ ڊگهي رات هوندي ڪانگريس اڳواڻ عثمان مجيد ۽ سي پي آءِ، ايم جو اڳواڻ محمد يوسف جهڙن سياسي اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *