والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه،7 ڄڻا مارجي ويا

سري نگر (م.ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا، ميڊيا رپورٽن مطابق والاريل ڪشمير جي ڪٽرا واري علائقي ۾ ڀارتي فوج جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو،جنهن ۾ سوار 7 ڄڻا مارجي ويا، خبرن مطابق حادثي جو شڪار ٿيل هيليڪاپٽر ۾ هندو ياتري سوار هئا، جن کي وشنو ديوي مندر مان واپس آندو پئي ويو، ڀارتي فوج جو چوڻ آهي ته هيليڪاپٽر حادثي بابت جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، في الحال اهو نه ٻڌائي چئي سگهجي ته حادثي جو ڪارڻ ڪهڙو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *