والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرستي ۾ ظلمن جي پاليسين کي بند ڪرايو وڃي: سرتاج عزيز

اسلام آباد(اي پي پي)  وزيراعظم جي پرڏيهي  معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرستي ۾ ظلمن جي پاليسين کي بند ڪرائي. ڪشميرين جا بنيادي حق بحال ڪيا وڃن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏياريو وڃي. هتي وصول ٿيل پريس پڌرائي مطابق هو آچر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارين منسٽرز جي سالياني رابطه اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو جنهن جي صدارت ڪويت جو پرڏيهي وزير شيخ صبا الخالد الصبا ڪري رهيو هو. سرتاج عزيز اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي هن مسلمان امت کي درپيش چئلينجن ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي ۽ فلسطينين جي ڪاز جي پاڪستان مڪمل حمايت ڪري ٿو. اجلاس دوران پر تشدد انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ او آءِ سي ميمبر ملڪن وچ ۾ وسيع تر سهڪار جي ضرورت  تي زور ڏنو ويو جڏهن ته انهن ملڪن وچ ۾ بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ضرورت تي به زور  ڏنو ويو. اجلاس دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي ڪانٽيڪٽ گروپ جي رپورٽ جي منظوري ڏيندي خود مختيار انساني حقن جي ڪميشن کي چيو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن  جي صورتحال کي مانيٽر ڪري ۽ ڪائونسل جي پرڏيهي وزيرن جي ايندڙ اجلاس ۾ اها رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڪشميرين جي حقيقي نمائندن جي وفد به خيالن جو اظهار ڪندي والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال بابت کيس آگاهه ڪيو ۽ ڪشميرين جي جائز ڪاز جي حمايت ڪرڻ تي او آءِسي جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *