والاريل ڪشمير ۾ تشدد سان آزادي واري تحريڪ کي دٻائي نه ٿو سگهجي:پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان تسنيم اسلم چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان آزادي واري تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو وحشياڻو استعمال ڪيو ويو پر ان سان تحريڪ کي نه ٿو روڪي سگهجي. پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڀارتي فوج هٿان بي گناهه ڪشميرين جي قتل جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڀارتي فوج جي طاقت جو وحشياڻو استعمال انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت کي قابض فوجين هٿان ٻن ڪشميري نوجوانن جي شهادت تي انتهائي افسوس ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي آهي. تسنيم اسلم چيو ته ڪشمير مسئلو عوامي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان مسئلي جي حل لاءِ هميشه ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي ڇو ته ظلم سان ڪشميرين جي جدوجهد آزادي کي دٻائي نه ٿو سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *