والاريل ڪشمير تڪراري علائقو آهي، سمجهوتا ايڪسپريس جا ڏوهاري اڃان به آزاد آهن: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزارت جي ترجمان تسنيم اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته جمون اينڊ ڪشمير تڪراري علائقو آهي، ڪشمير ڀارتي شهري ناهن، آسيه اندرابي واقعي سان ڪشميرين جا پاڪستان لاءِ جذبات سامهون آيا آهن، ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي قراردان مطابق ڪشميري عوام کي ڪرڻو آهي، تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته سمجهوتا ايڪسپريس واقعي جا ڏوهاري اڃان تائين آزاد گهمي رهيا آهن سمجهوتا ايڪسپريس واقعي جا متاٿر اڃان تائين انصاف جا منتظر آهن دلي مشن سمجهوتا ايڪسپريس حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙن جي والدين کي انهن جي قبرن تي وڃڻ لاءِ مدد ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چيني صدر جو پاڪستاني دورو حتمي آهي جڏهن ته تاريخ طئه ناهي ٿي، سعودي عرب يمن جي صورتحال جي حوالي سان رابطو ڪيو آهي، يمن ۾ پاڪ مشن بند ڪرڻ جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو، پاڪ ٿائلينڊ قيدين جي ڏي وٺ تحت ڪافي قيدي واپس پنهنجي وطن واپس آندا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *