واقعي ۾ پوليس يا رينجرس اهلڪار ملوث نڪتا ته انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي: ڊي جي رينجرز سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرس ميجر جنرل بلال اڪبر پي آءِ اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن کي احتجاج دوران ملازمن جي مارجڻ واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. پي آءِ اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد چيئرمين سهيل بلوچ، صفدر انجم ۽ ذاڪر فاروق ڊي جي رينجرس ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ ملازمن جي مارجڻ واري واقعي جي جاچ ڪندڙ رينجرس جي ٽيم سان ملاقات ڪري ملازمن جي مارجڻ ۽ لاپتا ٿيل اڳواڻن بابت ڳالهيون ڪيون…. ملاقات دوران ڊي جي رينجرس ميجر جنرل بلال اڪبر ملازمن کي خاطري ڪرائي ته ملازمن جي مارجڻ واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي، واقعي ۾ پوليس يا رينجرس اهلڪار ملوث نڪتا ته انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي وٽ ڪي ثبوت آهن ته سامهون آڻي….. ميجر جنرل بلال اڪبر چيو ته احتجاج دوران ملازمن جي مارجڻ تي کيس ڏک پهتو آهي، هو ملازمن جي گھر وڃي سندن وارثن سان تعزيت ڪندو…. ملاقات دوران جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڊي جي رينجرس کي احتجاج دوران مارجي ويل ٻن ملازمن واري واقعي جي جاچ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي… ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ٻڌايو ته هنن ڊي جي رينجرس ۽ جاچ ٽيم کي ٻڌايو آهي ته رينجرس پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ نظر ايندڙ نقاب پهڙيل شخص شرپسند نه پر ملازم آهن، جن ڳوڙها آڻيندڙ گيس کان بچڻ لاءِ منهن ڍڪيو هو…..

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *