وادي تيره ۾ هوائي ڪارروائي، 21 دهشتگرد مارجي ويا، ٺڪاڻا تباهه

خيبرايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي جَي وادي تيره ۾ فورسز جي هوائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 21دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5 کان وڌيڪ ٿاڪ تباهه ٿي ويا آهن. پاڪ-افغان بارڊر ويجهو وادي تيره ۽ راجگال وارن علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن ذريعي دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز جي بمباري ۾ 21دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن دوران پنج ٿاڪ تباهه به ٿي ويا آهن. واضح رهي ته سڪيورٽي فورسز کي دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ وڏيون ڪاميابيون ملي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *