وائيٽ ڪالر ڪرائيم خلاف ادارن جي صلاحيت وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان شهباز شريف ۽ مريم نواز جي ڪرپشن بابت ثبوت ظاهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم عمران جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي ڪيسن بابت جارحاڻو حڪومت موقف جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ذريعن موجب اجلاس دوران چوڌري شوگر ملز ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ مريم نواز جي خلاف نون انڪشافن جي جائزو ورتو ويو، ڪيس بابت ثبوت ظاهر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان چيو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيم جي خلاف ادارن جي صلاحيت وڌيڪ وڌائڻ جي صرورت آهي، حڪومت ان تي ڪا به سوديبازي نه ڪندي، معيشت کي تباهه ڪندڙن جي ڪرتوتن بابت قوم کي پتو هئڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *