وائيس ايڊمرل ذڪاءُ اشرف کي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي، پاڪ نيوي جو نئون سربراهه مقرر

اسلام آباد (بيورو) صدر مملinp 02-57ڪت ممنون حسين وزيراعظم نواز شريف جي ايڊوائيس تي وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله کي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏئي پاڪ نيوي جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، موجودهه نيول چيف ايڊمرل آصف سنڌيلا 7 آڪٽوبر تي ريٽائر ٿي ويندو. تفصيل موجب خميس ڏينهن وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله کي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏئي پاڪ هوائي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف جي ايڊوائيس تي صدر ممنون حسين سندس مقرري ڪئي، صدر ممنون حسين جي موڪليل چئن ڄڻن جي لسٽ ۾ وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله جو نالو سڀ کان مٿي هو. لسٽ ۾ موڪليل نالن ۾ وائيس ايڊمرل ذڪاءُ الله کان علاوه وائيس ايڊمرل حشام بن صديق جيڪو ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف جي عهدي تي مقرر آهي، وائيس ايڊمرل ظفر محمود عباسي جيڪو ڪمانڊر پاڪستان ايليٽ جي عهدي تي مقرر آهي ۽ وائيس ايڊمرل سيد عارف الحسيني جيڪو ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي عهدي تي مقرر آهي جا نالا شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *