هڪ وقت اهڙو ايندو جڏهن اسان گڏجي نعرو هڻنداسين ته مرسون مرسون پنجاب نه ڏيسون: بلاول ڀٽو

لاهور (م.ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽِ جي چيئرمين بلاول ڀٽو 15372-BilawalBhuttoZardari-1356688803-606-640x480زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ پيپلزپارٽي کي هڪ دفعو ٻيهر مضبوط ڪنداسين هڪ وقت اهڙو ايندو جڏهن اسان گڏجي نعرو هڻنداسين ته مرسون مرسون پنجاب نه ڏيسون پنجاب جو دورو ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هيو اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻڻ سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو ان موقعي تي پنجاب ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثرن جي امداد جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي جمعي ڏينهن راجا پرويز اشرف، شيرين رحمان، جهانگير بدر، قمرزمان ڪائره، منظور وٽو، ثمينا خالد گرڪي، راجا رياض، امتياز صفدر وڙائچ الطاف قريشي حاجي عزيزالرحمان چن، نويد چوڌري، تنوير اشرف ڪائره سميت ٻين پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ پنجاب ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ان موقعي تي اڳواڻن سان ڳالهائنيدي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو پنجاب جو دورو ٻوڏ متاثرن لاءِ هو پارٽي جا ميمبر عهديدار ۽ ڪارڪن متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن وري پنجاب جي دوري تي ايندس ۽ ڪارڪنن جا مسئلا ٻڌندس. هن چيو ته هڪ وقت ايندو جڏهن اسان گڏجي نعرو هڻنداسين ته مرسون مرسون پنجاب نه ڏيسون ملاقات کان اڳ بلاول ڀٽوز رداري پاران پارٽي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ناشتي جو بندوبست ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *