هڪ واقعي جي ڪري پاڪستان کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي: مائڪيل هولڊنگ

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ويسٽ انڊين فاسٽ بالر ۽ ڪمنٽيٽر مائڪيل هولڊنگ چيو آهي ته 10سال اڳ پيش آيل هڪ بري واقعي تي پاڪستان کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي. ڪراچي ۾ شاهد آفريدي جي مانجهندي ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن مونکي ڪنهن به قسم جو ڊپ يا خطرو هجي ها ته پاڪستان نه اچان ها. هن چيو ته ڪوبه ملڪ پنهنجي سيڪيورٽي معاملن تي سوديبازي ناهي ڪندو، پاڪستان به بهترين انتظام ڪيا آهن، سريلنڪن ٽيم جي پاڪستان آمد سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، حمايت ڪنداسين ۽ ٻين ملڪن کي به اهڙا قدم کڻڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *