هڪ ميچ هارائڻ جي لاءِ 2 لک ڊالرن جي پيش ڪش ڪئي وئي:ٽينس اسٽار نواڪووچ

ميلبورين (اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جا معاملا ڪرڪيٽ کانپوءِ ٽينس تائين به پهچي ويا،سريبا سان تعلق رکندڙ عالمي نمبر ون نواڪووچ انڪشاف ڪيو آهي ته کيس هڪ ميچ هارائڻ جي لاءِ 2 لک ڊالرن جي پيش ڪش ڪئي وئي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽ مطابق ٽيسن جي عالمي نمر ون نواڪووچ جو چوڻ آهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ پيٽرس برگ ۾ کيڏي ويندڙ هڪ ميچ دوران کيس به هڪ ميچ هارائڻ جي بدلي 2 لک ڊالرن جي پيش ڪش ڪئي وئي ۽ اهڙي پيش ڪش کي رد ڪري ڇڏيو.جوڪووچ جو چوڻ آهي ته 2007ع ۾ پيٽرس برگ ۾ ميچ دوران پهريون رائونڊ ۾ بُڪي وارن گڏ کيڏندڙ رانديگرن جي مدد سان مونکي ميچ فڪس جو چيو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اوپري ماڻهون جي ايتري وڏي آفر مونکي پريشان ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته مان اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ٿيڻ نه پئي چاهيو.جڏهن ڪجهه ماڻهن اهڙي پيش ڪش کي مون لاءِ هڪ بهترين موقعو چيو، پر مان رد ڪري ڇڏيو.10 ڀيرا گرينڊ سليم چيئمپن رهندڙ ٽينس اسٽار جو چوڻ آهي ته رانديگرن تي شرطون رکندڙ ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجي ويب سائيٽ تي مختلف نالن سان، رانديگرن جي تصويرن سان لڳائي رکيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *