هڪ مهيني بعد رينجرز جو معاملو ٻيهر ڪر کڻندو: خورشيد شاهه

نوشهروفيروز (نمائندو) وزيراعظم مسئلو پاڻ حل ڪري يا ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي ڪراچي موڪلي. نوشهري فيروز ويجهو ڳوٺ الله ڏني ڀنڀري ۾ پ پ اڳواڻ فاروق ڀنڀري سان سندس سهري جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ هڪ انٽرويو ۾ سيد خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ جا سمورا معاملا حل ڪرڻ آهن ته پوءِ کين چوڌري نثار نه گهرجي. هن چيو ته پ پ کي جڏهن ٽياڪڙ تي اعتماد ئي ناهي ته پوءِ معاملو اڳتي ڪئين وڌي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪنهن سان وڙهڻ نٿي چاهي، سمورا معاملا آئين ۽ قانون موجب حل ٿين. خورشيد شاهه چيو ته کين وزيراعظم مان اميد آهي ته هو سنڌ جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته اقتصادي راهداري رٿا تي ننڍن صوبن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، جنهن تي هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ڪرمنل پراسيڪيوشن بل به نه پڙهيو آهي، ان ڪري ان تي ڪو تبصرو نه ڪندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته محدود وسيلن باوجود سنڌ حڪومت صحيح نموني ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ميئرز ۽ چيئرمينز کي 2013 موجب اختيار ملندا، ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ حڪومت خلاف بيان سمجهه کان چرهيل آهن. سندس چوڻ هو ته اقتصادي راهداري رٿا ۾ سنڌ سميت ننڍن صوبن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب ۾ تڪرار حل نه ٿيو ته مسلمان ملڪن ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌندا ۽ انساني جانيون ضايع ٿينديون. سندس چوڻ هو ته داعش پنجاب ۾ موجود آهي تنهن ڪري اتي به آپريشن ٿيڻ گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته جمهوري حڪومت کي هلڻ گهرجي، کين فرينڊلي اپوزيشن قرار ڏيندڙ اڻ ڄاڻ آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ رڳو ڳالهيون ڪرڻ سان نه لڳندو، گرينڊ الائسن جي ڪابه حيثيت ناهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار مالياتي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. خورشيد شاهه چيو ته سنڌ سرڪار کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *