هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي، نيب چيئرمين جي مقرري 8 آڪٽوبر کان اڳ ٿي ويندي: خورشيد شاهه

لاهور  (اين اين آءِ)  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو  ته نااهلي ماڻهون جي لاءِ پارٽي سربراهه بڻجن جي قانون کي پارليمينٽ جي بي توقيري قرار ڏيندي چيو ته هڪ  ماڻهون جي لاءِ ترميم سٺي روايت ناهي، ان سان پارليميٽ جو قدر ننڍو ٿيندو آهي، چونڊ سڌارن واري بل جي معاملي تي پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم جي سنيٽ ۾ ڪردار جي جاچي ٿيڻ گھرجي، ٻنهي پارٽين پنهنجين غلطين کي لڪائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو، خورشيد شاهه چيو ته اسان نون ليگ سان ڄمي مقابلو ڪندا آهيون  ۽ پارليمينٽ جي دائري کي نه ڇڏيندا آهيون. اها پارليمينٽ  ڪنهن جنرل جي اليڪشن جي ۽ ڪنهن جنرل جي ورديءَ واري پارليمنٽ ناهي، اسان ان جو تقدس پامال نه ڪندا آهيون. هن چيو  ته نيب جي چيرمين جي مقرري جي مشاور ت سان  رڪجي نه ٿي سگھي ، ڇو ته 8 آڪٽوبر تائين ان  پراسيس کي مڪمل ڪرڻون آهي. پي ٽي آئي 7 ايم ڪيو ايم سان رابطا ڪيا پر انهن نالو نه ڏنو، پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي مونکي هٽائڻ ۾ مصروف آهن. هن چيو  ته پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم پارا ان لاءِ نالو نه ڏيئ رهيا آهن ڇو ته هو مونکي مڃن ئي نه ٿا، انهن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته ڪهڙي منهن  سان نيب جي چيرمين جي لاءِ نالاڏيون ان لاءِ هو ڪيٻائي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *