هڪ شخص بيمار آهي، وڌيڪ سياست نه ڪريو ڪٿي فلم ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي: شيخ رشيد

راولپندي (اين اين آءِ) وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هڪ ماڻهو بيمار آهي اها وڌيڪ سياست نه ڪريو ڪٿي فلم ابتي هلڻ شروع نه ٿي وڃي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران نوازشريف کي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي جي خلاف حڪومت کي سپريم ڪورٽ سان نه رابطو ڪرڻ گهرجي نه رابطو ڪيو ويندو زرداري صاحب جي ڪيس ۾ 5 ماڻهو ڦاٿل آهن ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري آهي ۽ گڊ گورننس نه آهي جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪم ڪندو تڏهن ئي کيس عزت ملندي تقريب کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته (ن) ليگ ۽ پ پ پ فضل الرحمان سان گڏ نه آهن هن چيو ته روزانو بيماري جي راند کيڏي پئي وڃي هن چيو ته سرڪولر ريلوي تي 42 ڪلوميٽر خالي ڪرايا ويا آهن 10 ڪلوميٽر رهيا آهن سنڌ حڪومت کي ڪم ڪرڻ گهرجي هن چيو ته حادثا نه ٿيڻ گهرجن عملو ۽ منهنجي سڄي محنت کي ضايع ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته مهانگائي آهي گڊ گورننس نه آهي جنهن تي هاني عمران خان ڪم ڪري رهيو آهي ذميواري سان چوان ٿو ته خورشيد شاهه کان سواءِ باقي سڀ پلي بارگين تي آهن جڏهن ته خورشيد شاهه ۽ حمزه شهباز سخت ڦاٿل آهن ڪابينه ۾ ڦيرڦار ۽ گورنر کي عهدي تان هٽائڻ جي اطلاعن بابت هن ڪنهن قسم جي ڄاڻ کان انڪار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *