هڪ سينيئر جونيئر آفيسر جي ماتحت ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(اي پي پي) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارتي جي ڊآئريڪٽر جنرل آغا مقصود عباس کي سندس عهدي تان برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ  خميس تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي هٽائڻ بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ڪارروائي دوران درخواست گذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ افتخار قائم خاني عدالت ۾ پيش ٿي بيان ڏنو ته  سنڌ حڪومت طرفان آغا مقصود عباس کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي  ڊائريڪٽر جنرل جي اضافي چارج ڏني وئي هئي  جنهن جو هو مستحق ناهي.  هن چيو ته  حڪومت آغا مقصود عباس کي  21 هين گريڊ جي هڪ آفيسر کي نظر انداز ڪري 20 هين گريڊ جي آفيسر کي اهو عهدو ڏنو هو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ سينيئر جونيئر آفيسر جي ماتحت ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهي. عدالت آغا مقصود عباس کي سندس اصل عهدي تي واپس موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن مقصود عباس ترقي جو حقدار آهي ته هن کي ميرٽ تي ترقي ڏني وڃي. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *