هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ قرآن کي مڃيندڙ ورهايل آهن: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين چيو آهي ته هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ قرآن کي مڃيندڙ ورهايل آهن، اڄ فيصلو ٿي وڃي ته عبادتگاهن، بازران، مسجدن تي حملو ڪندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن، ڪراچي ۾ عالمن ۽ مشائخن جي اجلاس کي ٽيلفون تي خطاب ڪندي هن چيو ته ملت اسلاميا تباهي جو شڪار آهي، الله جو پيغام ۽ نبي صلم جي تعليم کي عام ڪرڻو آهي ۽ سرڪار ٻنهي جهانن جي سردار هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي، هن چيو ته عبادتگاهن، بازران ۽ فوجي هنڌن تي حملو ڪندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن، اڄ فيصلو ٿيڻ گهرجي ته طالبان کي طالبان ئي سڏيو وڃي، دهشتگردي ڪندڙن طالبان کي ڪو دهشتگرد نٿو چوي، طالبان طالبان نه ظالمان آهن، معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کي قتل ڪندڙ ظالمن خلاف آواز اٿاريو وڃي، طالبان جي مخالفت ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *