آرمي چيف ٻن فوجي ۽ هڪ سول آفيسر کي سزائن جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ٻن اڳوڻن فوجي آفيسرن ۽ هڪ سول آفيسر جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي. آءِ ايس پي آر موجب سزا ماڻيندڙن فوجي آفيسر بريگيڊيئر (ر) راجا رضوان ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد اقبال، جڏهن ته سول آفيسر ڊاڪٽر وسيم اڪرم شامل آهن. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته بريگيڊيئر (ر) راجا رضوان کي موت ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد اقبال کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته سول آفيسر ڊاڪٽر وسيم اڪرم کي به موت جي سزا جي منظوري ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب ٽنهي جوابدارن کي پرڏيهي ايجنسين کي حساس ڄاڻ فراهم ڪرڻ تي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت سزا ٻڌائي وئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *