هڪ ئي وقت 3 طلاقون ڏيندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي: اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارش

اسلام آباد(بيورو) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس محمد خان شيراني جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ئي وقت 3 طلاقتون ڏيندڙ سزا جا حقدار آهن ۽ انهن کي قانون جوڙي سزا ڏني وڃي، محمد خان شيراني چيو ته ڪاوڙ ۾ ماڻهو 3 طلاقتون ڏئي ڇڏيندا آهن جنهن کانپوءِ اهي ماڻهو دربدري واري زندگي گذاريندا آهن. اسلامي نظرياتي ڪائونسل 3 طلاقتون ڏيندڙن کي سزا ڏيڻ جو اختيار عدليه مٿان ڇڏي ڏنو آهي، محمد خان شيراني چيو ته هڪ ئي وقت 3 طلاقتون ڏيڻ سنت جي به خلاف آهي، پهرين طلاق تي رابطو ڪرڻ گهڻو ئي آهي پر ٻي طلاق تي ٻيهر نڪاح ڪرڻو پوندو آهي، اجلاس ۾ شريڪ مفتي جو چوڻ هو ته حضور صه طلاق کي پسند نه ڪندو هو 3 گڏي طلاقون ڏيڻ ڏوهه وارو عمل آهي ۽ سفارش ڪئي وئي ته اهڙي عمل کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قانون جوڙي سزائون ڏنيون وڃن اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورت جج کي پردي ڪرڻ جو پابند بڻائڻ جي به سفارش ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ مولانا شيراني چيو ته عورت جج جي عمر چاليهه سال ۽ پردي جي پابند هئڻ گهرجي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ واري بل کي رد ڪندي نئون ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته مثالي ڪورس ۾ جنسي تعليم جي متعلق ڪائونسل ڪورس جا ڪتاب طلب ڪري ورتا آهن ان کانسواءِ اجلاس ۾ گڏيل طور تي تيار ڪيل ڊرافٽ ۾ 14 آگسٽ واري موڪل بحال رکڻ ۽ ان ڏينهن تي ڪارو ڏينهن نه ملهائڻ جي سفارش ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *