هٿ ٽنگڻ واري جي عزت ناهي هوندي، پاڪستان کي پئسن خاطر ٻين جي جنگ ۾ ڌڪيو ويو : عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي ملڪي صنعتن ۾ سرمايو لڳائڻ جي دعوت ۽ پنجن سالن لاءِ ٽيڪسز کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ماضي ۾ جيڪي به حڪومتون آيون انهن کي پتو ئي نه هو ته ملڪ جو رخ ڪهڙي طرف هئڻ گهرجي ۽ اسان متلف رستن تي هلندا رهياسين امداد ۽ قرض گهرندڙن جي دنيا ۾ڪائي عزت ناهي هوندي جڏهن ڪوئي ملڪ هٿ ٽنگي ٿو ته ڪوئي اسان کي امداد ڏي ته پوءِ ان کي پنهنجي فارن پاليسي تبديل ڪرڻي پوي ٿي پنهنجي مفادن جي خالف ٻين جي جنگين ۾ شرڪت ڪرڻي پوي  ٿي اسان جي ملڪ ۾ سمال اينڊ ميڊيل انڊسٽري جي ترقي ۾ کوڙ ساريون رڪاوٽون وڌيون ويون پر هاڻ انکي ختم ڪري مراعتون ۽ سهولتون ڏئي رهيا آهيون آئي ٽي انڊسٽري کي به مراعتون ڏئي رهيا آهيون اسان پاڪستان تيزي سان مٿي ويندو ڪوبه ملڪ ڪڻڪ ۽ سبزيون کپائي ترقي نٿو ڪري سگهي اسان پنهنجي ايڪسپورٽ وڌائڻ لا3 سوچيو ئي نه هو اسانکي ايمنسٽي سڌي طرح ڏيڻ گهرجي ها انڊسٽريز لاءِ جن مراعتن ۽ سهولتون جو اعلان اڄ ڪري رهيا آهيون اسان کي اهو پهرين ڏينهن ڪري ڇڏڻ گهرجي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊسٽريل پئڪيج جي حوالي سان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي گورنر چوڌري محمد سرور وڏو وزير سردار عثمان بزدار وفاقي ۽ صوبائي ڪابينه جي ميمبرن سميت بزنس ڪميونٽي جون نالي واريون شخصيتن به موجود هيون وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاقي وزير خسرو بختار اوهان کي سموري تفصيل کان آگاهه ڪيو اهي مان جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندو هوس ته سمهڻ کان اڳ پنهنجو احتساب ڪندو هيس ته مان جيڪا مئچ کيڏي اها ڪيئن کيڏي ۽ مون کي ڪيئن کيڏڻ گهرجي ها ۽ مان ان سوچ جي مڪمل ٿيڻ تائين ننڊ نه ڪندو هوس هن چيو ته جڏهن کان ا سان جي حڪومت آئي آهي مان اهو سوچانٿو ته اسان کي اچي ڪهڙيون شيون ڪرڻ گهرجي ها ته سڀ کان وڏي شئي جيڪا ڪرڻ گهرجي ته جيڪو پئڪيج اسان اڄ ڏنو آهي اهو بزنس ڪميونٽي لاءِ پهرين ڏينهن ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته اسان جو ملڪ اڄ کان 50 کان 55 سال اڳ وڏي تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو ڇو ته اسان جي اندسٽريز جي پيداوار وڌي رهي هئي ۽ اسان جو رخ درست هو پر بدقسمتي سان 70 جي ڏهاڪي ۾ نيشنل لائيزيشن جي عمل سموري گروٿ کي روڪي ڇڏيو ۽ ملڪ جي رخ کي تبديل ڪري ڇڏيو ان کان پوءِ اسان اهو ٻيهر حاصل نه ڪري سگهياسين ڇو ته اسان سمجهي نه سگهياسين جيڪي به حڪومتون آيون انهن کي خبر ئي نه هئي ته ملڪ جو رخ ڪهڙي طرف هئڻ گهرجي ۽ اسان مختلف رستن تي هلندا رهياسين ملڪ تڏهن ترقي ڪري ٿو جڏهن ملڪ ۾ دولت پيدا ٿئي ٿي جيڪو ملڪ دولت پيدا نه ڪندو اهو ڪيئن اڳتي وڌي سگهي ٿو ماضي ۾ اها سوچ هئي ته انڊسٽري دولت ٺاهي رهيون آهن منافعو ٺاهي رهيون آهن جيڪڏهن اوهان هڪ انڊسٽري کي منافعو نٿا ٺاهڻ ڏيو ته اتي سيڙپڪاري ڪيئن اچي سگهي ٿي سيڙپڪاري ايئن آهي جيئن ماکي تي مکيون اچن ٿيون جڏهن هڪ اندسٽري ڪامياب ٿي منافعو بڻائي ٿي ته جڏهن ٻيا شعبا ان کي ڏسن ٿا ته اهي به ان طرف اچن ٿا ۽ سيڙپ ڪن ٿا وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جيڪا امنسٽي ڏني اها اوپن نه ڏيڻ گهرجي ها پر اها انڊسٽري کي سڌي طرح ڏيڻ گهرجي ها اسان جي غير روايتي انڊسٽري تمام وڏي آهي اسان کي ان کي فارمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هنچيو ته اسان کي ايمنسٽي سيڙپڪاري لاءِڏيڻگهرجي ها ڀارت ۾ آئي ٽي جي ايڪسپورٽ 140 ارب ڊآلر آهي اسان جي دور ۾ 70 سيڪڙو ايڪسپورٽ وڌي آهي پر هي اڃا مشڪل سان 4 ارب ڊالر به نه آهي اسان پنهنجا فري لانسرنز ۽ آئي ٽي انڊسٽري کي مراعتون ئي نه ڏنيون هيون اسان ان کي به عام انڊسٽري وانگر ٽريٽ ڪيو جيتوڻيڪ ان جي ضرورتون ٻيون آهن ان لاءِ مراعتون به ٻئي قسم جون آهن هاڻي اسان کين پوري طرح مراعتون ڏئي رهيا آهن دنيا ۾ پاڪستان ٻيو ملڪ آهي جتي نوجوانن جي سڀ کان وڏي آبادي آهي اسان کي اڃا آئي ٽِ بابت گهڻو ڪم ڪرڻو اهي اسان جڏهن انهن کي مراعتون ڏينداسين ته سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ان شعبي ۾ ايندي ۽ انشاءالله اسان جو آئي ٽي جو سيڪٽر ڀرپور ترقي ڪندو هن چيو ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاريون اميد آهي ته بزنس ڪميونٽي اسان جي پوري طرح مدد ڪندي اسان جي پاٽنر بڻجندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *