هٿيارن جي لائسنس تان پابندي هٽائڻ تي غور، نوان لائسنس ڊسمبر يا جنوري ۾ شروع ڪيا ويندا: چوڌري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزارت هٿيارن جي لائسنس جاري ٿيڻ تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت هٿيارن جا لائسنس جو جاري ٿيڻ مربوط سسٽم تحت هوندو، نجي ٽي وي موجب گهرو وزير چوڌري نثار علي خان هٿيارن جي لائسنس جاري ٿيڻ تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪيو آهي، نون لائسنس کي جاري ڊسمبر 2016 يا جنوري 2017 ۾ شروع ڪيو ويندو، جاري ٿيڻ کانپوءِ پهريان پارليامينٽ جا ميمبر هٿياربند فوج جا آفيسر، جج ۽ صحافين کي لائسنس ملندا، ڊاڪٽرن ۽ واپارين کي به هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته تعليمي ادارن سميت مختلف انسٽيٽيوٽ کي به هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *