هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته قبائلي علائقن ۾ ڪامياب آپريشن کانپوءِ امن سان پوري خطي ۾ استحڪام ايندو، هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن هن اها ڳالهه پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چئي، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، گورنر خيبرپختونخواهه ۽ وفاقي خزاني وارو وزير اسحاق ڊار، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ خصوصي معان طارق فاطمي به شريڪ هئا، وزيراعظم ان موقعي تي وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، آءِ ڊي پيز جي حوالي سان هن چيو ته آءِ ڊي پيز پاڪستان ۾ استحڪام لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون حڪومت آءِ ڊي پيز جي ٻيهر بحالي ۽ آبادڪاري جي ذميواري پوري ڪندي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ ڊي جي ملٽري آپريشن ضرب عضب ۽ خالي ڪرايل علائقن تي بفرينگ ڏني ۽ آءِ ڊي پيز جي واپسي ۽ بحالي جي منصوبي جو جائزو ورتو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *