هٿياربند جٿن کي ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هيلٿ ڪارڊ جي صورت ۾ انقلاب اچي رهيو آهي جمهوريت ميرٽ جي نظام تي قائم آهي ڪنهن کي امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين رياست جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪنداسين خميس تي اسلام آباد ۾ پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن آن لائن نظام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پي ايس سي آن لائن نظام قائم ڪرڻ تي ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو پي ايم سي آن لائن نظام جو اهتمام وڏي ڪاميابي آهي، جديد نظام سان ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليجز جو نظام بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي وزيراعظم چيو ته حڪومت صحت بابت هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ان سان انقلاب اچي رهيو آهي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ڏني ويئي آهي پنجاب ۾ هن سال جي آخر تائين سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ڏني ويندي وزيراعظم چيو ته جمهوريت ميرٽ جي نطام تي قائم آهي جنهن کان پوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو اجلاس ۾ ملڪي سيڪيورٽي ۽ مذهبي جماعت جي احتجاج کان پوءِ واري صورتحال تي غور ڪيو ويو شيخ رشيد امن امان جي صورتحال کان اجلاس کي آگاهه ڪيو وزيراعظم عمران خان امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ تي سيڪيورٽي ادارن کي ساراهيندي چيوت ه پوليس رينجرز سميت سمورن ادارن بهترين ڪم ڪيوآهي وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين رياست جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *