هِن سال 60 هزار ڪوڙن سڃاڻپ ڪارڊن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته هِن سال 60 هزار ڪوڙن سڃاڻپ ڪارڊن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، ساڍا 10 ڪروڙن مان ساڍا 8 ڪروڙ سڃاڻپ ڪارڊن جي تصديق ٿي چُڪي آهي، هن چيو ته ٻيهر تصديق ۾ 60 هزار سڃاڻپ ڪارڊ جعلي نڪتا، 50 هزار سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن. چوڌري نثار علي خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جي  دور کان اڳ جي حڪومت ۾ ڪو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿيو، پيپلز پارٽي جي دور ۾ لڳ ڀڳ 500 سڃاڻپ ڪارد بلاڪ ٿيا. 10 هزار سڃاڻپ ڪارڊن جي تصديق ايجنسيون ڪري رهيون آهن، چوڌري نثار عليءَ جو چوڻ هو اسان 50 هزار سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا آهن. سفارتي ۽ آفيسرن جا 2 هزار کان وڌيڪ پاسپورٽ به رد ڪيا، اسان گذريل ٻن سالن ۾ ڪوڙن پاسپورٽن خلاف ڪريڪ ڊائون به ڪيو، وفاقي گھرو وزير وڌيڪ چيو ته پرڏيهين وٽ به پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ هئا. سوين ملازم به ڪڍيا ويا آهن، جيڪي ملوث هئا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي، اڳوڻين حڪومتن جو اُن طرف ڌيان نه هو، 29 هزار پاسپورٽ پرڏيهين کي مليل آهن، بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي، آفيشل پاسپورٽ انساني اسمگلنگ ۾ به استعمال ٿيا. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته ڪجھه ملازم گرفتار به ٿيا، ڪجھه مقرر آهن جلد گرفتار ڪنداسين، جيستائين دنيا آهي تيستائين ڪرپشن ۽ چوري چڪاري به جاري رهندي. هن چيو ته نوي جي ڏهاڪي کان انڌير نگري متل آهي. ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ نادرا ۾ ڪريڪ ڊائون ڪنداسين، انهن ماڻهن هِن رياست سان غداري ڪئي آهي، هنن پيسا وٺي ملڪي پاسپورٽ جاري ڪيا، ملڪ سان غداري ڪئي وڃي اهو برداشت نه ڪنداسين، 2 هزار کان وڌيڪ پرڏيهين قانوني ڪارروائيءَ کان بچڻ جي لاءِ پاسپورٽ واپس ڪيا، ڪارروائي کي جاري رکنداسين، نادرا ۽ پاسپورٽ آفيسن ۾ صفائيءَ جو عمل جاري رهندو، چوڌري نثار چيو ته ڪوڙن سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ جاري ڪندڙ 18 ماڻهن خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي، بلاڪ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن جي لاءِ جلد وقت جو اعلان ڪنداسين. ايف آءِ اي ۽ ايجنسين جي ذميواري آهي ته هو ان بابت ڪردار ادا ڪن. ڪراچي لاهور، گوجرانوالا، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾سهولتون ڏينداسين. نادرا جي سٺن اهلڪارن جون پگھارون وڌائينداسين. ڪارروائي ۾ پاڪستانين جا ڪارڊ به بلاڪ ٿي ويا هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *