هي ماڻهو 10 مهينا به اقتدار کانسواءِ گذاري نه ٿا سگهن، اقتدار کانسواءِ تڙپي رهيا آهن: فردوس عاشق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هي ماڻهو 10 مهينا به اقتدار کانسواءِ گذاري نه ٿا سگهن، اقتدار کانسواءِ تڙپي رهيا آهن. ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مدو پورو ڪرڻ جي حمايت ڪندڙ ڪهڙي منهن سان وچ مدي جي چونڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مخالفن کي چئن سالن تائين اقتدار لاءِ تڙپڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته اقتدار جي پچ تي لاڳيتو کيڏندڙن کي سرڪاري وسيلن کانسواءِ رهڻ جي هاڻي عادت وجهڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *