
اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اپوزيشن جو پارليمان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ميٽنگ جو بائيڪاٽ افسوسناڪ آهي اپوزيشن پنهنجي فيصلي تي نطرثاني ڪري ۽ سنجيدگي سان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي وفاقي وزير چيو ته 7 ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو ڪائي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي پاليسي پارليمان کي پيش ڪري رهي آهي چوڌري فواد چيو ته هي سياسي معاملو نه آهي پر قومي سلامتي جو معاملو آهي اپوزيشن پنهنجي فيصلي تي غور ڪري ۽ سنجيدگي سان اجلاس ۾ شرڪت ڪري.