هي سال مون مٿان تمام گهڻو مهربان رهيو آهي گلوڪار راحت فتيح علي خان

ڪراچي(شوبز نيوز) سڄي دنيا ۾ مشهور پاڪستني گلوڪار راحت فتيح علي خان جو چوڻ آهي ته سال 2014 سندس مٿان تمام گهڻو مهربان رهيو آهي. گلوڪار راحت فتيح علي خان پنهنجي هڪ انٽرويو دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو ته هي سال سندس لاءِ تمام گهڻو بهترين ثابت ٿيو ڇو ته هن سال سندس البم بيڪ ٽو لوَ سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي ڌوم مچائي ۽ هلندڙ سال هن نوبل ايوارڊ تقريب ۾ پهريون دفعو پرفارم ڪيو ۽ سندس لائيو پرفامنس کي هڪ ئي وقت دنيا جي 111 ملڪن ۾ ڏٺو ويو  راحت فتح علي خان جو چوڻ هو ته هي سال سندس ڪرئير جو بهترين سال هو ڇو ته هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو .سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته ايندڙ سال 2014 وانگر ڪامياب ترين گذرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *