”هيٽ اسٽوري ٿري“ جي ٽريلر رليز کانپوءِ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جينئين فلم ”هيٽ اسٽوري ٿري“ جي ٽريلر رليز کانپوءِ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب هيٽ اسٽوري ٿري جو ٽريلر گذريل ڏينهن رليز ٿيو جنهن کي يو ٽيوب تي 30 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ 20 لک ماڻهن ڏٺو، جيڪو ڪنهن به فلم جي ٽريلر کي ايتري گهٽ وقت ۾ وڏي انگ ۾ ڏسڻ جو هڪ رڪارڊ آهي. فلم جي هدايت وشال پانڊريا ڏني آهي، جنهن ۾ ڪرن گروور، شرمن جوشي، زرين خان ۽ ڊيزي شاهه شامل آهن. ڄاڻايل فلم 4 ڊسمبر تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *