
ڪراچي (م ڊ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هڪ سال ۾ آمدني ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته هيلٿ ڪارڊ کانپوءِ پگهارن ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ۽ هڪ سال ۾ آمدني ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، هن چيو ته ملڪ جي معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي، عمران خان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائي رهيو آهي، ان منشور کي نظر ۾ رکندي سمورا قدم کنيا پيا وڃن