هيروئين کي فلمن ۾ جسماني نمائش طور پيش ڪيو ٿو وڃي،جيڪو عمل غلط آهي:اديتي رائو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا اديتي رائو جو چوڻ آهي ته ماڻهو (مرد)اداڪارن جو وزن نه ٿا ڏسن ۽ رڳو هيروئن جو وزن نظر اچي ٿو جنهن تي تڪڙوئي سوال مٿان سوال به پيدا ڪندا آهن.فلم “وزير” کان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندڙ اديتي رائو جو چوڻ آهي ته هيروئن جي وزن تي فلم انڊسٽري ۾ سوال پيدا ڪيا ٿا وڃن، جڏهن ته هيرو جي وزن وڌڻ سان انهن ماڻهن کي ڪجه به نظر نه ٿو اچي،جنهن  مان اهو چٽو ثابت ٿو ٿئي ته اڄ به هيروئن کي فلمن ۾ رڳو جسماني نمائش طور پيش ڪيو وڃي ٿو،اديتي رائو چيو ته اهڙي رويي کي مٽائڻو پوندو، ڇو ته ٽيلينٽ اهم ۽ وڏي ڳالهه هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *