هيروئن رکڻ جي الزام، راڻا ثناءَ جيل حوالي، ظلم جي حڪومت گهڻو وقت نه ٿي هلي سگهي: راڻا ثناءَ الله

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) هيروئن هٿ اچڻ جي الزام ۾ گرفتار مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءَ الله کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. منشيات جي خاتمي بابت فورس طرفان راڻا ثناءَ الله کي ضلعي عدالت ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد وقاص جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران راڻا ثناءَ الله جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته  سندس اصيل تي سياسي ڪيس ٺاهي گرفتار ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته اي اين ايف راڻا ثناءَ الله سميت سمورن جوابدارن جي 6 جوابدارن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت راڻا ثناءَ الله سميت 6 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.  راڻا ثناءَ الله جي پيشيءَ کي نظر ۾ رکندي عدالت جي چوڌاري ڪنٽينر رکيا ويا جنهن سبب شهرين ۽ پوليس ۾ منهن ماري پڻ ٿي. ايس پي سڪيورٽي فيصل شهزاد موجب راڻا ثناءَ الله جي پيشيءَ لاءِ سڪيورٽي پلان تحت پوليس ۽ اينٽي رائٽ فورس جي 400 کان وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. اينٽي نارڪو ٽڪس فورس راڻا ثناءَ الله خلاف داخل ڪيس ۾ سندس گاڏي مان 21 ڪلو کان وڌيڪ منشيات هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي جنهن ۾ 15 ڪلو هيروئن به شامل آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب راڻا ثناءَ الله خلاف مخبر جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن کيس روڪيو ويو ته اهلڪارن سان منهن ماري پڻ ٿي جڏهن ته هو اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي منشيات سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءَ الله پنهنجي گرفتاري کي ظلم ۽ سياسي انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي ڇڏيو. اي اين ايف طرفان مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن کيس 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته منهنجي گرفتاري ظلم آهي ۽ ظلم جي حڪومت گهڻو وقت نه ٿي هلي سگهي اهو خدا جو فيصلو آهي. راڻا ثناءَ الله وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس شرم اچڻ گهرجي جيڪو چوي ٿو ته هي مديني جي رياست آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *